جهونگار (ڪتابي سلسلو)

جهونگار (ڪتابي سلسلو)

جهونگار ڪتابي سلسلو

جهونگار (ڪتابي سلسلو): سانگهڙ شهر مان شايع ٿيندڙ ڪتابي سلسلي ’جهونگار‘ جا هيل تائين ايڪيهه تحقيقي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪتابي سلسلي جو باني استاد نظاماڻي آهي. نارا ريسرچ اينڊ پبلشنگ آرگنائيزيشن طرفان هي سلسلو 1999ع کان شروع ٿيو. جهونگار ڪتابي سلسلي جو خاص موضوع حر تحريڪ، پاڳارا خاندان ۽ ان جون ملڪي، قومي، سماجي ۽ ديني خدمتون رهيو آهي. ان کانسواءِ هن رسالي ۾ ماحوليات، تاريخ، تاريخي ماڳ مڪان، شخصي خاڪا، سفرناما ۽ تحقيقي ادب به ڇپبو رهيو آهي. جهونگار سلسلي کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته ان جمود جو شڪار ٿيل حر تحريڪ بابت تحقيق جو دروازو کوليو، جنهن ڪري حر تحريڪ جي باري ۾ تحقيق ۽ اشاعت جو سلسلو شروع ٿيو. ڪتاب، مضمون ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيا، حر تحريڪ ۽ ان جي انقلابي اڳواڻ سورهيه بادشاهه بابت ڪانفرنسون ۽ سيمينار به ٿيا. جن ۾ پروفيسر محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، الهورايو بهڻ، حاجي ولي محمد نظاماڻي، مير محمد فقير نظاماڻي، پروفيسر محمد مبين وساڻ، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، فقير شاهنواز نظاماڻي، تاج جويو، امر لغاري، نواز ڪنڀر، ملهار فقير خاصخيلي، استاد نظاماڻي،
حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا رهيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو